FIKRism

Wednesday, February 23, 2011

Awam Pehnje Inqilab Ji Gola Me - Panhwar

عوام پنهجي انقلاب جي ڳولا ۾
انور پنهور
2011
[language: Sindhi]



intro:
 
هي ڪتاب ڀاءُ انور پنهور جو ڪميونسٽ انقلاب جي طرف وک وڌائيندي ۽ انقلابن جو اتساه وڌائڻ خاطر هڪ سٺي ڪتاب آ. جنهن ۾ سرمائيداري ۽ سامراجيت جي ڪري دنيا ۾ وڌنڌڻ بک بدحالي افلاس ۽ غريب و مزدور عوام جي استحصال کي اجاگر ڪري ڏيکاريو ويو آهي.۔

پر تنقيد جي اک سان ڏسندي هي ڪتاب پنهنجي بياني اعتبار سا ٿوري امميچيور آ.۔
۽ خطاب خطيبانه آ جنهن ۾ دنيا جو هر ليڊر معاشري جون سڀئي برائيون ڳڙائي ڪري آخر ۾ اهو ئي چوندو آ ته ان جو حل اسان وٽ آ، اسان ئي توهان کي انهن برائين مان ڇوٽڪارو ڏيارائينداسين. بجاءِ پرڪٽيڪلي اهو وضاحت ڪرڻ جي ته آخر ڪئين!؟

ڪتاب جو فوڪس گھڻو ڪري واقعات ۽ فيڪٽس ان فگرس تي رکيل آ پر انهن ۾ به ريفرنسس کي خاطر ملحوظ ناهي رکيو ويو جنهن جي ڪري انهن تي اعتماد خالص ليکک جي ذات بڻجي ٿي وڃي.۔

جئين ته ڪتاب واقعات ۽ فيڪٽس ان فگرس جي مناسبت سان لکيل آهي تهنهڪري ڪتاب جي حياتي شايد گهڻي دير تائين باقي نه رهي، خصوصاً اڄوڪي زماني ۾ جڏهن وقت جي رفتار تيز ٿي چڪي آهي، ۽ هر اچڻ وارو وقت سرپرائيزنگلي نيون خبرون ۽ نيون فيڪٽس ان فگرس کڻي اچي رهيو آهي.۔

ڪتاب واقعات جي حساب سان مختلف مڪانن ۽ زمانن جي عوام جو اٿندڙ انقلابن جي مناسبت سان لکيل آهي، پر بدقسمتي سان اهي ئي متعدد عوامن جا متعدد انقلاب ڪڏهن به ساڀيان نه ٿيڻ ڪري خود انهن انقلابن جي فيليور ڊيٽيل لسٽ مهيا ڪن ٿا!۔
۔(ڪڏهن اهي انقلاب ليڊر نه هجڻ ڪري نه اٿي سگهيا ته ڪڏهن پارٽي نه هجڻ ڪري، ڪڏهن دشمن قوتن جي ڪري دٻجي ويا ته ڪڏهن اُٿي ڪري به پنهنجي منزل نه ماڻي سگهيا!)۔
- - - - - - - - - - - - - - - - - - - - - - - - - - - - - -

No comments:

Post a Comment

Related Posts Plugin for WordPress, Blogger...